سيد علي انور شاهه اجمل

سيد علي انور شاهه ’اجمل‘: مشهور شاعر سيد علي انور شاهه ’اجمل‘ پهرين اپريل 1939ع تي سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي گهر، بهادرپور، تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول گوزي مان 1950ع ۾ حاصل ڪئي. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميهڙ مان 1959ع ۾ ڪيائين، انٽر جامعيه عربيه حيدرآباد مان 1963ع ۾، بي. اي سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مان 1966ع ۾ ۽ ايم. اي (سنڌي ادب) 1968ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي.
سيد علي انور شاهه ’اجمل‘ ملازمت جي شروعات پهرين آڪٽوبر 1964ع تي گورنمينٽ مڊل اسڪول لطيف آباد 6 ۾ اسسٽنٽ ٽيچر طور ڪئي. 1967ع ۾ بدلي ٿي گوزي ۾ آيو، جتي هن زندگيءَ جو گهڻو حصو نوڪري ڪئي، خيرپورناٿن شاهه تعلقي جو ايس. ڊي. اي. او به ٿيو. 1997ع ۾ گورنمينٽ برانچ هاءِ اسڪول سهراب ٻگهيي ۾ هيڊماستر ٿي رهيو، جتي پهرين اپريل 1999ع تي رٽاير ٿيو.
سيد علي انور شاهه ’اجمل‘ لکڻ جي شروعات 1959ع کان ڪئي. سندس شاعريءَ جو استاد خيرپور ناٿن شاهه جو رهاڪو حڪيم محمد صادق ’طالب‘ عباسي هو، جيڪو پنهنجي دور جو قادر الڪلام شاعر ٿي گذريو آهي، هن خيرپور مان ’تحفھ خيرپورناٿن شاهه‘ نالي سان هڪ ڪتاب ڇپرايو، جنهن ۾ سندس ڪلام به شامل آهي. سيد علي انور شاهه غزل جو شاعر آهي. سندس غزل ۾ حسن ۽ عشق جا نت نوان موضوع ۽ خوبصورت تمثيلون ۽ استعارا ملن ٿا.
سيد علي انور شاهه ’اجمل‘ دادن فقير، استاد بخاري، احمد خان آصف ۽ غلام حسين مشتاق سُچارويءَ کان متاثر آهي. پنهنجي ضلعي سميت سيوهڻ، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي اڪثر مشاعرن ۽ ميڙاڪن ۾ شعر پڙهندو رهيو آهي. سندس رهائش شهباز ڪالوني خيرپورناٿن شاهه ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.04.01  عيسوي

مشهور شاعر سيد علي انور شاهه ’اجمل‘ پهرين اپريل 1939ع تي سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي گهر، بهادرپور، تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ۾ ڄائو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حڪيم غلام محمد عرشي
اميد علي شاهه رضوي
ابراهيم منشي
اقبال بلوچ
امام علي شاهه
رستم فقير لغاري
عاجز اڄڻ
مير عبدالحسين خان ٽالپر سانگي
امداد حسيني
پرويز سجاد حيدر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون